نفسيات

نفس معنا ساهه، ۽ نفسيات معنيٰ ساهه بابت علم، پر جيئن ته خالص ساهه اڃا ڪنهن ڏٺو ڪو نه آهي جو ڪو ان جي اپٽار ڪري سگهي، ان ڪري نفسيات کي ساهه وارن جو علم ئي سمجهڻ گهرجي. حقيقت ۾ ساهوارن بابت علم جا به گهڻائي ڀاڱا آهن، جيئن ته سندس پيدائش، بدني نظام ۽ ان جو انتظام، بيماريون وغيره. پر نفسيات جي آڏو جيون جي علم جو فقط اهو پاسو رهندو، جيڪو ٻين جيون ۽ شين سان تعلق ۾ اچڻ ڪري، منجهن سامائجي ٿو. يعني ته پنهنجن ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ دنيا سان ڏي وٺ جو مٿن اثر. جيئن ته خوشي، رنج، فتح، شڪست وغيره ۽ انهن جا نتيجا.

نفسيات هڪ عمراني علم آهي. 19 صديءَ جي وچ ڌاري نفسيات فلسفي جي هڪ شاخ سمجهي ويندي هئي، پر پوءِ نفسيات کي هڪ الڳ علم جي حيثيت ۾ اڀياسيو ويو. نفسيات کي دماغي يا ذهني زندگيءَ جو علم به چيو وڃي ٿو. نفسيات جو ادب سان گهرو تعلق آهي. نفسياتي ناول ، نفسياتي ڪردار نگاري، فرد اڪيلو يا گڏيل معاشري جي نفسياتي رخن يا پاسن جي اولڙن، جنسيات يا ڊيپريشن (هنياءُ لٿَ يا خفخان)، انساني جبلتون ، جماليات وغيره سڀ ادبي اهميت جا حامل آهن.[1]

هر هڪ جيوَ کي سندس خاص ماحول موجب، پنهنجي جان بچائڻ ۽ پاڻ کي تڳائڻ لاءِ، ٽلن وسيلي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندو جيئرو جڙيو هلندو هلي، اها به ضرورت آهي ته جيوَ جي پسگردائي پڻ اهڙي هجي جا سندس ضرورتن کي منهن ڏئي سگهندي هجي، پر جي اها جاءِ سندس گهرجن کي پوري ڪرڻ جي لائق نه آهي، ته جيوت جو جٽاءُ ڏکيو ٿي پوندو ۽ جلد ئي حيات موت سان مٽجي ويندي. هاڻي جي جيوَ جي جسم ۾ ايتري لياقت آهي جو هو پنهنجون گهرجون ڦيرائي موجود حالتن جهڙيون ڪري سگهي يا جي منجهس ايتري طاقت آهي جو پنهنجي جيوت منڊل جون حالتون مٽائي پنهنجي ڀيٽ تي آڻي سگهي ته پوءِ حياتيءَ کي نڪا لهر نڪو لوڏو.

ڀرپاسي ۽ اوسي پاسي جو اثر جيوَ تي ته بلڪل جلد ظاهر ٿيو پوي، وڻن ٽڻن جي حالت ۾، جي به ساهه وارا ئي آهن، اُس، پاڻي ۽ مٽيءَ جو اثر ايترو ته ٿئي ٿو جو ڪٿي ڪو ٻوٽو ته بنهه اڀري ئي ڪونه، ڪٿي وڌي ته اڌو گابرو، ڪٿي وڏو به ٿئي ته ڦر نه جهلي. ڇانهين ڪٿي پنج سير ته ڪٿي پنجويهه سيري. گلاب ڪٿي نڪري ئي ڪو نه، ته ڪٿي ٻـُڪ جيڏو، وري رنگ به طرحين طرحين. نيلگري جبل جي نيلي پٿرائين زمين ته نباتات ۾ ايترا رنگ ٿي ڪڍي جو هڪڙي ئي پارڪ ۾ 20-25 رنگن جو گلاب ڏسڻ ڪا تعجب خيز ڳالهه ڪا نه آهي. مطلب ته هر ڪا جنس پنهنجي پيدائشي هنڌ جي حالتن موجب ٿي ٿئي ۽ وڌي ويجهي ٿي.

ماڻهوءَ جي جسم جي ترتيب ته اهڙي مڙڻي جڙڻي ٿي ٿئي جو پنهنجي جيوت منڊل سان جاگرافيءَ جي هر طبقي ۾ پوري نموني راسپاس ٿيو وڃي. سندس بيدار مغز ۽ ان جا لڳ لاڳاپا ايترو ته وسيع ۽ برجستا ٿا ٿين جن جو پورو وستار ته ٺهيو پر مختصر ويچار ئي موجودهه معلومات جي حدن کان ٻاهر آهي. سردي، گرمي ته بجاءِ خود، پر رڳي ٽيٽ سا پويس ته هتي هي دونهون ٿو دکي، ته سندس سچيت مغز گهڻي قدر تاڙي ويندو ته ان حالت کي منهن ڪيئن ڏجي جو جان جوکي کان بچي. ائين ڪندي هو ڪيترين قدرتي مصيبتن تي فتح ماڻي چڪو آهي ۽ زماني جي ناساز حالتن ۾ دوستين دشمنين کي منهن ڏيندو هلندو هلي.

هتي نفسيات جي علم جو مقصد انهيءَ راز کولڻ جو آهي ته آدم يعني انسان پنهنجي ماحول کان پنهنجون ضرورتون ڪهڙي طريقي پوريون ڪرائيندو ٿو رهي يا بيڪار ثابت ٿو ٿئي. ۽ انهيءَ ڇڪتاڻ جي ماحول جو مٿس ڪيترو اثر ٿو پوي ۽ پاڻ انهيءَ دنيا جي ڇڪ ڌڪ ۾ ترقي ڪرڻ جيتري سگهه ٿو ساري ۽ ڪيتري سمجهه ۽ حوصلي رکڻ جو ثبوت ٿو ڏئي.ٻار جي هن دنيا جي سفر جي ڪشالن ۽ سوڀ ۽ شڪست يعني سندس خوشي يا رنج به ٻن ڳالهين تي دارومدار رکي ٿو: (1) ته کيس مائٽن کان ورثي ۾ مليل موڙي ڪيتري هئي يعني ته سندس جسمي ۽ ذهني طاقت ۽ توانائي، (2) ته کيس ڄمڻ کان پوءِ ڪهڙي تعليم ۽ تربيت ملي، جا هن جي جسم ۽ ذهن کي ڦوهه ۾ آڻي.[2][3]

نفسياتي بيماريون

هي ٻه نفسياتي ٻيماريون عام آهن.

  • (1) سائيڪوسز (Psychoses)
  • (2) نيروسز (Neuroses)

سائيڪوسز (Psychoses) ۾ شيرو فرينا، چريائپ، وهم، خيالي شيون ڏسڻ، خفت، (Phobia) اذيت پسندي، وغيره جهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون. نيروسز (Neuroses) ۾ وري ڊپريشن، ذهني دٻاءَ، اُتڻ تُڻ ۽ هورا کورا واري ڪيفيت، بي چيني، بوريت ، مزو نه اچڻ، دل نه لڳڻ جهڙيون ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون. ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته هڪ ڪيفيت ۾ ماڻهو ناڪاريت (منفيت) ڏانهن گهڻو ويندو، کيس خبر نه پوندي ته هو ائبنارمل آهي، ان ۾ جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿينديون، انهن ۾ وهندو ويندو ۽ دماغي توازن وڃائي ويهي رهندو. ٻي ڪيفيت ۾ هو بيچين رهندو ته ڪجھ ڪجي، ڪا تبديلي جي هن کي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن ان ڪيفيت ۾ ڪو مثبت رستو ملي ويو ته ، ماڻهو ڪاميابيءَ جي رستي تي هلي پوندو. [4]

Other Languages
Afrikaans: Sielkunde
Alemannisch: Psychologie
aragonés: Psicolochía
العربية: علم النفس
অসমীয়া: মনোবিজ্ঞান
asturianu: Sicoloxía
azərbaycanca: Psixologiya
تۆرکجه: سایکولوژی
башҡортса: Психология
Boarisch: Psychologie
žemaitėška: Psikoluogėjė
беларуская: Псіхалогія
беларуская (тарашкевіца)‎: Псыхалёгія
български: Психология
भोजपुरी: मनोबिज्ञान
brezhoneg: Bredoniezh
bosanski: Psihologija
català: Psicologia
нохчийн: Психологи
Cebuano: Sikolohiya
corsu: Psicologia
čeština: Psychologie
kaszëbsczi: Psychòlogijô
Чӑвашла: Психологи
Cymraeg: Seicoleg
dansk: Psykologi
Deutsch: Psychologie
Thuɔŋjäŋ: Piööcëkuɛ̈nnhom
Zazaki: Psikolociye
Ελληνικά: Ψυχολογία
English: Psychology
Esperanto: Psikologio
español: Psicología
euskara: Psikologia
estremeñu: Sicologia
suomi: Psykologia
føroyskt: Sálarfrøði
français: Psychologie
Nordfriisk: Psüchologii
furlan: Psicologjie
Frysk: Psychology
Gàidhlig: Eòlas-inntinn
galego: Psicoloxía
Avañe'ẽ: Apytu'ũkuaaty
ગુજરાતી: મનોવિજ્ઞાન
Gaelg: Shicklaage
客家語/Hak-kâ-ngî: Sîm-lî-ho̍k
हिन्दी: मनोविज्ञान
Fiji Hindi: Psychology
hrvatski: Psihologija
interlingua: Psychologia
Bahasa Indonesia: Psikologi
Interlingue: Psichologie
Ilokano: Sikolohia
íslenska: Sálfræði
italiano: Psicologia
日本語: 心理学
Patois: Saikalaji
la .lojban.: menske
Basa Jawa: Psikologi
ქართული: ფსიქოლოგია
Taqbaylit: Tasnafsit
қазақша: Психология
kalaallisut: Tarnip ilinniarnera
ភាសាខ្មែរ: ចិត្តវិទ្យា
한국어: 심리학
kurdî: Psîkolojî
Кыргызча: Психология
Latina: Psychologia
Ladino: Psikolojiya
Lëtzebuergesch: Psychologie
Lingua Franca Nova: Psicolojia
Limburgs: Psychologie
Ligure: Psicologia
lietuvių: Psichologija
latviešu: Psiholoģija
मैथिली: मनोविज्ञान
македонски: Психологија
Bahasa Melayu: Psikologi
Mirandés: Psicologie
မြန်မာဘာသာ: စိတ်ပညာ
مازِرونی: روان‌شناسی
Napulitano: Psicologgia
Nedersaksies: Psychologie
नेपाली: मनोविज्ञान
नेपाल भाषा: साइकोलोजी
Nederlands: Psychologie
norsk nynorsk: Psykologi
norsk: Psykologi
Novial: Psikologia
Nouormand: Psychologie
occitan: Psicologia
ਪੰਜਾਬੀ: ਮਨੋਵਿਗਿਆਨ
Picard: Psicologie
polski: Psychologia
Piemontèis: Psicologìa
پنجابی: نفسیات
پښتو: ساپوهنه
português: Psicologia
Runa Simi: Nuna yachay
rumantsch: Psicologia
română: Psihologie
русский: Психология
русиньскый: Псіхолоґія
саха тыла: Психология
ᱥᱟᱱᱛᱟᱲᱤ: ᱢᱚᱱ ᱥᱟᱬᱮᱥ
sardu: Psicologia
sicilianu: Psicoluggìa
srpskohrvatski / српскохрватски: Psihologija
Simple English: Psychology
slovenčina: Psychológia
slovenščina: Psihologija
Gagana Samoa: Saikolosi
Soomaaliga: Cilminafsi
српски / srpski: Психологија
Sesotho: Saekholoji
Seeltersk: Psychologie
Basa Sunda: Psikologi
svenska: Psykologi
Kiswahili: Elimunafsia
தமிழ்: உளவியல்
Tagalog: Sikolohiya
Tok Pisin: Saikolosi
Türkçe: Psikoloji
татарча/tatarça: Психология
українська: Психологія
اردو: نفسیات
oʻzbekcha/ўзбекча: Psixologiya
vèneto: Sicołogia
Tiếng Việt: Tâm lý học
West-Vlams: Psychologie
Winaray: Psikolohiya
吴语: 心理学
მარგალური: ფსიქოლოგია
ייִדיש: פסיכאלאגיע
Vahcuengh: Simleixhag
Zeêuws: Psyholohie
中文: 心理学
Bân-lâm-gú: Sim-lí-ha̍k
粵語: 心理學